علي احمد بروهي

علي احمد بروهي

بروهي علي احمد

بروهي، علي احمد (1920-2003ع ):سنڌي ادبي تاريخ ۾ علي احمد بروهي برک مزاح نگار ٿي گذريو آهي. هن مزاحيه ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکي، سنڌي ادب ۾ مزاح نگاريءَ کي نوان رخ ڏنا، علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي کنڀڙا ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس اباڻو ڳوٺ ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ آهي. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن ”رايل انڊين نيويءَ“ ۾، ٻي مهاڀاري جنگ دوران ملازمت اختيار ڪئي، جتي 1946ع ۾ مشهور ”نيوي بغاوت“ ۾ حصو ورتائين ۽ بحري فوج جي ٻين ساٿين سان گڏ جيل اماڻيو ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ علي احمد بروهيءَ جو صحافتي سفر شروع ٿيو. ”قرباني“، ”صداءِ سنڌ“ (ڪراچي)، ”انقلاب“، ”منشور“ ۽ ”ميني فيسٽو“ (سکر)، اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهيو. 1954ع ۾ خيرپور رياست جي اطلاعات کاتي ۾ شموليت سان هن جي نوڪريءَ جو سفر شروع ٿيو ۽ جڏهن 1955ع ۾ خيرپور رياست جي پاڪستان ۾ شموليت ٿي ته هي مغربي پاڪستان اطلاعات کاتي جو ملازم بنجي ويو. هن ڪولمبو پلئن (1960ع) هيٺ انگلينڊ مان ٽوئرزم ۾ سکيا ورتي. 1970ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز سنڌ مقرر ٿيو. 1971ع ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪومت ۾ کيس نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو. 1973ع کان 1978ع تائين مختلف انڊسٽريل ڪارپوريشنن جو قانوني صلاحڪار رهيو، 1978ع ۾ کيس صدر جنرل ضياالحق ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ سڌ سماءُ جي مرڪزي وزارت جو او. ايس. ڊي (O.S.D) اسلام آباد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ 1979ع ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي 1980ع تائين رهيو. 1980ع ۾ ئي وفاقي وزارت جي هٿ هيٺ هلندڙ ”شيخ سلطان ٽرسٽ“ جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو .
1955-1950ع واري دور ۾ علي احمد بروهي هڪ سٺي مزاح نگار طور اُڀريو، سندس ڪهاڻين ۾ ”عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ“ ۽ ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“، مزاحيه ڪردار نگاريءَ جا اعليٰ مثال آهن. هن جي مزاح نگاريءَ تي دنيا جي مشهور مزاح نگار جيرنڪي. جيرو جو اثر نمايان آهن .
هن جي ڪهاڻين ۽ خاڪن ۾ کل ڀوڳ سان گڏ سماجي براين ۽ مذهبي نمائش تي سخت تنقيد آهي. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: (1). ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا (خاڪا: 1984ع)، (2). ”واٽ ويندي“ (خاڪا: 1986ع)، (3). ”سڏن مٿي سڏڙا“ (1987ع)، (4). ”ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيون“ (1990ع)، (5). ”ڪک پن“ (1996ع)، (6) The Temple of Sun God“ (1998ع)، (7). ”لاهوتي لڏي ويا“، (8). ”وتايو فقير“ (2004ع)، هن سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکيا، هن کي سنڌي بهترين ڪالم نگار طور اي. پي. اين. ايس (A.P.N.S) اوارڊ به مليو. مزاح، تاريخ نويسي ۽ آرڪيالاجي ۽ موسيقي هن جي پسند جا موضوع هئا، بروهي صاحب پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.11.11  عيسوي

علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي کنڀڙا ڳوٺ ۾ ڄائو.


2003.12.01  عيسوي

علي احمد بروهي پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪ سنگهار
خواجه احمد عباس
فضل الله انڍڙ
ضميرالدين احمد
ديويڪا راڻي
محمدعثمان سومرو
حاجي خميسو خان ميمڻ
احمد شهيد بريلوي
ارباب نورمحمد پليجو
علامي محمد ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون